برهماڻي غلام رسول

برهماڻي غلام رسول

غلام رسول برهماڻي

غلام رسول برهماڻي : غلام رسول برهماڻي ولد لونگ خان برهماڻي 1960ع ۾ پيدا ٿيو. هي زماني جي ستم ظريفيءَ سبب ڪنهن مسئلي تي 1981ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ٿي آيو، جتي هن جو واسطو قومي فڪر وارن دوستن سان ٿيو. هو مختلف ڪيسن ۾ نظربند رهيو. 14 ڊسمبر 1986ع تي سائين جي. ايم. سيد جي گرفتاريءَ خلاف هڪ احتجاج دوران نيشنل هاءِ وي سن ڀرسان قانون لاڳو ڪندڙن جي تشدد وگھي شهيد ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب 1987ع ۾ سندس پهرين ورسيءَ تي ”سنڌي ٻولي سٿ“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. جنهن تي جيل ۽ جيل کان ٻاهر وارين يادگيرين تي ٻڌل مهاڳ عبدالحفيظ قريشيءَ لکي هن عوامي شاعر جي شاعريءَ کي محفوظ ڪيو، جيل دوران مستاني جو شاعريءَ ۾ استاد تاج جويو رهيو.


لفظ غلام رسول برهماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو